ديوي واسنا ڀري

ديوي واسنا ڀري

ديوي واسنا ڀري

ديوي واسنا ڀري (ڪتاب): هي ناول هند جي مشهور سنڌي ليکڪ شوي بولچند رامناڻيءَ جو لکيل آهي. هن ناول ۾ زال مڙس جي گهرو جيوَن جي تصوير چِٽي وئي آهي ۽ انساني امنگن ۽ اميدن، خوبين ۽ خامين جو ڪردارن ذريعي چِٽ چٽيو ويو آهي. ناول ۾ سنڌي جيوَت جو نقشو، سنڌي ٻوليءَ جو رَس ۽ چَس ڪمال ڪاريگريءَ سان برقرار رکيو ويو آهي. ناول جو
هيرو شوناٿ، ليکڪ جي آتم ڪٿا جو انگ لڳي ٿو. ٻن جوڙن شِوناٿ ۽ مڻيءَ جو ۽ موهن ۽ پپن پريءَ جو ميلاپ پڙهندي ۽ برهه جون باتيون ٻُڌندي گهرو جيون جي ڪهاڻي مزيدار ڀاسي ٿي. ناول ۾ هنڌ هنڌ شاهه جي بيتن جو استعمال ناول کي کڻي بيٺو آهي.
هـي طـبعـزاد نـاول مـسـز مِٺـي مـجنيءَ، الهاس نگر مـان، ديـپـڪ. ايڇ. شرما، نو جيوَن پرنٽنگ پريس مان، جون 1986ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 182 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 25 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو